اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نادرا بزرگ شهرين لاءِ تصديق سروس متعارف ڪرائي ڇڏي، نادرا چيئرمين چيو آهي ته نئين سرور سبب بزرگ شهرين کي بينڪن ۾ بايو ميٽرڪ تصديق جي وقت پيش ايندڙ مسئلن جو يقيني طور تي ازالو ٿيندو، تفصيل موجب نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) بزرگ شهرين جي آڱرين جي نشانن جي تصديق ۾ پيش ايندڙ پراڻي مسئلي جو جديد ترين حل متعارف ڪرايو آهي، 60 سال کان وڌيڪ عمر جي بزرگ شهرين کي خاص طور تي بينڪن ۾ بايوميٽرڪ تصديق ۾ مشڪل پيش اچڻ جي صورت ۾ انهن کان ڪجهه ڳجها سوال پڇيا ويندا، جن جا صحيح جواب ڏيڻ تي انهن جي تصديق فوري ڪئي ويندي، بزرگ شهرين جي لاءِ نادرا تصديق سروس جي شروعات جي سلسلي ۾نادرا هيڊڪوارٽر ۾ هڪ تقريب ۾ نادرا چيئرمين طارق ملڪ پاڪستان جي ناليوارين ادبي شخصيتن پروفيسر فتح محمد ملڪ، ڪشور ناهيد، افتخار عارف ۽ انور مسعود سان گڏ سروس جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي نادرا تصديق سروس جو ڊيمو به پيش ڪيو ويو، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نادرا کي بزرگ شهرين طرفان لاتعداد شڪايتون موصول ٿي چڪيون آهن، خاص طور تي بينڪن ۾ فنگر پرنٽس جي تصديق ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، جنهن کي نظر رکندي نادرا اها جديد سروس متعارف ڪرائي آهي، برزگ شهرين پاران بينڪن ۾ اڪائونٽ کولرائڻ يا رقم صول ڪرڻ لاءِ بايوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ جي صورت ۾ سسٽم آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) جو استعمال ڪندي نادرا ۾ موجود خاندان جي ڊيٽا مان ڪجهه سوال پڇيا ويندا، جن جا صحيح جواب ملڻ تي لاڳاپيل بينڪ کي ان جي شناختي معلومات موصول ٿي ويندي ۽ ان جي سڃاڻپ جي تصديق ممڪن ٿي ويندي، نادرا چيئرمين چيو ته 15 بينڪن کي اڳ ئي ان سسٽم ڳنڍيو ويو آهي جڏهن ته باقي 42 بينڪن ۾ به تمام جلد ان سسٽم جي شروعات ڪئي ويندي.