کپرو (رپورٽ : آزاد راڄڙ) اڇڙي ٿر واسي پيرپاڳاري جي مريدن سان خليفن جي مبينا زيادتين ۽ هٿ بند ڪرڻ واري معاملي جو رٿيل نبيرو نه ٿي سگهيو، جوڙيل ڪاميٽي کپرو پهچي هڪ ڌر جو موقف ٻڌي واپس رواني ٿي وئي، ٻئي ڌر سڄو ڏينهن انتظار ڪندي رهي پر کين نه ٻڌو ويو، خبر موجب اڇڙي ٿر جي هنگورجا برادري جي ماڻھن عورتن سميت خليفي احمد راڄڙ ۽ نائب خليفي ابراهيم هنڱورجو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو هو جنهن جو حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري نوٽيس وٺي چيف خليفي کي ترت مسئلو حل ڪرڻ جو حم ڏنو هو، جنهن بعد چيف خليفي فقير قادر بخش منڱريو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ چار رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي، ڪاميٽي ۾ ايم پي اي قاضي شمس الدين راڄڙ، پير بخش جوڻيجو، غلام دستگير راڄڙ ۽ خدابخش درس شامل هئا، ڪاميٽي ميمبر ڪالهه کپرو پهتا جن هڪ ڌر الزام هيٺ آيل خليفي احمد راڄڙ، نائب خليفي ابراهيم هنڱورجو ۽ گجو برادري جي ماڻهن کي طلب ڪري تفصيل ورتا، جڏهن  هنڱورجا برادري جي ماڻھن کي انتظار ڪرڻ جو چئي ويهاري ڇڏيو، جيڪي سڄو ڏينهن انتظار ڪندا رهيا پر کين نه گهرايو ويو، بعد ۾ ڪاميٽي ميمبر قاضي شمس الدين جي بنگلي تي هليا ويا پر هنڱورجا ڌر کي نه سڏايو ويو، ان ڏس ۾ حاڪم هنگورجو موجب ته اسان انتظار ڪندا رهياسين پر نه گهرايو ويو، گجو برادري جي ماڻهن کي گهرائي انهن کان معلومات ورتي وئي.