ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ پورھيت رحيم داد ٻٻر  جي گھر تي مبينا حملو ڪري 12ورھين جي نينگري نذيران ٻٻر  کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي کين فائرنگ ڪري گوليون ھڻي زخمي ڪرڻ واري  واقعي خلاف ڳوٺ اميد علي ٻٻر جي رهواسين ٻٻر برادري جي ماڻهن   نظير ٻٻر  شھداد ٻٻر لطيف ٻٻر الھه رکيو اشرف قمرالدين غلام حسين  ۽ ٻين پاران ڏنڊا کڻي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته هٿياربندن  رحيم داد ٻٻر گھر تي  حملو ڪري عورتن مردن تي سخت تشدد ڪيو 12ورھين جي نياڻي نظيران ٻٻر کي زبردستي کين اغوا جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي 3 ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو، ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود 10 ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف پوليس مظاهرين کي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.