چيلهار (ن پ ا) چيلهار ڀرسان ڪانٽيو شهر جي نهڙي پاڙي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ ڪري پورهيت شوڪت نهڙي جا ٻه ڪکانوان چونئرا سڙي رک ٿي ويا، متاثر موجب باهه سبب چونئرن ۾ پيل سونا زيور، گهر جون ضروري شيون ۽ هڪ موٽر سائيڪل سڙي رک ٿي وئي.