اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرولال لڳ ڳوٺ ربڏنو ڪاتيار جي بااثر زميندار خلاف  هارين پپو ڪولهي، پوپٽ ڪولهي، ويرو ڪولهي، چيتن ڪولهي، جڳو ڪولهي. مسمات نيلا،  مسمات گڏي، مسمات ڪيسري، مسمات ڏني ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته 2 سالن کان زميندار  جي ٻني هارپو ڪندا آهيون،زميندار اسان کي پورهئي جا پئسا نه پيو ڏئي، دانهن تي  ڏمرجي  اسان کي گهرن مان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي،  اسان جا پنجويهه لک رپيا ٿين ٿا، قتل جون ڌمڪيون پيون ملن، انصاف ڪيو وڃي.