نوابشاهه (بيورو رپورٽ) بھار جي مند کي ڀليڪار چوڻ لاءِ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد جي مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ ثقافتي ۽ سائنسي ميلو لڳايو ويو، جنھن جو افتتاح وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪيو، ميلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان پنھنجن شعبن مطابق پنھنجن پراجيڪٽس جو نماءُ ڪيو، ان موقعي شاگردن ۽ شاگردياڻين کاڌي پيتي جا اسٽال پڻ لڳايا.