ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ لڳ ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ پورھيتن جي ڪکاون گھرن کي اوچتو باھ لڳڻ ڪري 10کان وڌيڪ گھر سڙي ويا، جن ۾ حاڪم، نواب مستوئي، علي مراد، غلام سرور، شاھنواز، رستم، شبير، قادر، صادق بروھي، محرم، منٺار، حسن ٻٻر ۽ ٻين جا گھر شامل آھن. باھ لڳڻ ڪري معصوم ٻارڙن عورتن مردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا. متاثر زندگي بچائي ٻاھر نڪري سگھيا. اطلاعن باوجود فائر برگيڊ عملو ڪي اين شاھ دير سان پھتو. ان کان اڳ ڳوٺاڻن پاڻمرادو باھ وسائي وڌيڪ گھر سڙي وڃڻ کان بچائي ورتو آھي. باھ ۾ پورھيتن جو گھرو سامان روڪ رقم اناج سميت ٻيو لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آھي گھر سڙي وڃڻ کانپوء باھ متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن. باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي. پورھيتن وٽ اڃا تائين ڪير ب لڙي نه آيو آھي، جنھن سب ھو بي يارو مدد گار بڻيل آھي. باھ متاثرن حاڪم مستوئي علي مراد جو چوڻ آھي ت باھ لڳڻ ڪري اسان جو لکين روپين جو سامان اناج سڙي ويو آھي. اسان غريب مسڪين سان وڏو ظلم ٿيو آھي اسين ڊي سي دادو سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿات خدارا اسين پورھيتن جي واھر ڪئي وڃي.