قاضي احمد (ن پ ا) ھڪ ھفتو اڳ ٽيوب ويل جي لاءِ بجلي جي يارنھن ھزار وولٽيج تارن ۾ ڊائريڪٽ لائين لڳائڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان پورھيت ھاشم ملاح حيدر آباد جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان قاضي احمد جي ڳوٺ کاهه جو رھواسي ھو سندس لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. نوجوان پورھيت کي بجلي چوري لاءِ ٿنڀي تي چاڙھڻ جي الزام ۾ قاضي احمد جي شوڪت ڪالوني جي رهواسي زميندار حاجي عرس جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو مٿس حيسڪو پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ھوڏانھن قاضي احمد پوليس گرفتار زميندار حاجي عرس جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ ورتو ۽ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.