اسلام آباد: ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪپهه جي ٻج (ڪڪڙن) تي ٽيڪس ختم ڪيو هو، هاڻي ڪاٽن ڪيڪ (کڙ) ۽ تيلي ٻجن (کاڄرو تيل) تي به ٽيڪس ختم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته هن بجيٽ کان گذريل 10 کان 20 سالن ۾ وڌيڪ هاري دوست بجيٽ پيش نه ٿي آهي، مفتاح اسماعيل چيو ته هن بجيٽ ڪري ملڪ کاڄرو، ڪڻڪ ۽ ٻين جنسن جي پيداوار ۾ خودڪفيل ٿيندو، هارين کي بجيٽ ۾ هي رعايتون سبسڊي سمجهي نه ڏئي رهيا آهيون پر سيڙپڪاري سمجهي هي پيسو لڳائي رهيا آهيون.