اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شماريات کاتي پاران عام واهپي جي شين ۾ اضافي ۽ گهٽتائي جي حوالي سان جاري  ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته 23 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران ملڪ اندر مهانگائي جي مجموعي شرح وڌي 28.05 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، ڄاڻايل هفتي 32 عام واهپي ۽ استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، رڳو 4 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 15 شين جون قيمتون برقرار رهيون، ختم ٿيندڙ هفتي دوران گيهه جي في ڪلو تي 20 رپيا 79 پيسا اضافو ٿيو، دال چڻن جي في ڪلو تي 16 رپيا، دال مسور 10 رپيا 32 پيسا، دال ماش 12 رپيا 77 پيسا، دال مڱ جي في ڪلو قيمتن ۾ 9 رپيا رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، بصر جي في ڪلو قيمتن ۾ 4 رپيا 9 پيسا، وڏو گوشت 9 رپيا 75 پيسا، ننڍو گوشت 14 رپيا 73 پيسا، اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمتن ۾ 24 رپيا 89 پيسن جو اضافو ٿيو آهي، کير جي في ڪلو قيمتن ۾ هڪ رپيو 50 پيسا اضافو ٿيو. جڏهن ته رڳو 4 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، جن ۾ ٽماٽرن جي في ڪلو تي 7 رپيا 19 پيسا، مرغي جي في ڪلو تي 19 رپيا 84 پيسا، ڪيلن جي هڪ درزن قيمتن ۾ هڪ رپيو، سرنهن جي تيل جي في ڪلو قيمتن ۾ هڪ رپيو 76 پيسا گهٽتائي ٿي، جڏهن ته لوڻ، ڳاڙهن مرچن، عورتاڻي سينڊل، ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاٺين سميت 15 شين جون قيمتون برقرار رهيون.