اسلام آباد: ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ انهن پاڪستانين جيڪي نائيڪوپ جو ڪارڊ رکن  ٿا، انهن کي ايڪٽو ٽيڪس پيئر تصور ڪيو ويندو، ملڪيتن جي خريداري تي انهن کي اضافي ٽيڪس نه ڏيڻي پوندي، پلاٽن جي آمدني تي لڳايل ٽيڪس مان هاڻي شهيدن جي فيمليز کان پلاٽن جي آمدني تي ٽيڪس نه ورتو ويندو.