ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيو گهنور ۾ پٽ جي شاديءَ جا پئسا نه هجڻ تي پيءُ پاران آپگهات، ڪڙيوگهنور لڳ غربت، پٽ جي شادي جا پئسا نه هجڻ سبب ڳوٺ سهراب نظاماڻي واسي 38  ورهين جي مانسنگ پٽ ويرسي ڪولھي وڻ ۾ رسو ٻڌي  خودڪشي ڪري ڇڏي، ان حوالي سان فوتي جي ڀاءُ ماجو ڪولهي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ گهرو پريشاني ۾ اچي خودڪشي ڪئي آھي، ان وٽ پنهنجي پٽ جي شادي لاءِ پئسا ڪونه هئا،  هو ڪافي ڏينهن کان پريشان هو، جنهن سبب هن اهڙو قدم کنيو، ٻئي پاسي ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي ايس ايچ او عاشق لنڊ  ٻڌايو ته  فوتي  جا وارث ڪا به ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم  ڪرائڻ نٿا چاھين، هوڏانهن علائقن ۾ چوٻول  آهن ته فوتي پنهنجي پٽ جي شادي لاءِ پريشان هو، سندس پٽ ڀيمجي ڪولهي جي شادي فيبروري جي مهيني ۾ رٿيل هئي، بيروگاري ۽ پريشاني سبب هن خودڪشي ڪيو.