حيدرآباد (بيوو رپورٽ) ايوان زراعت ٻوڏ متاثر آبادگارن کي اعلانيل وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران امدادي پئڪيج نه ملڻ ۽ ڪڻڪ جي امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پيپلزپارٽي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته هو کين جواب ڏي ته آبادگارن ۽ هارين لاءِ مختص ڪيل رقم ڪٿي خرچ ٿي. ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس سيد ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. زاهد ڀرڳڙي، عبدالڪريم ٽالپر، نبي بخش سٺيو سميت مختلف ضلعن جا آبادگار شريڪ ٿيا. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميران محمد شاهه چيو ته جيڪڏهن آبادگارن توڙي هارين کي ترت زرعي بحالي لاءِ پئڪيج نه مليو ته ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکندڙ زراعت مفلوج ٿيڻ سبب خوراڪ جو سنگين بحران پيدا ٿيندو.هن چيو ته سنڌ ۾ 30 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوکائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ميرپورخاص، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ دادو سميت ٻين ضلعن ۾ زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مشڪل سان ساڍا 21 لک ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوک ٿي آهي. ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کپت 28 ملين ٽن آهي. گذريل سال 26.2 ملين ٽن ڪڻڪ جي پيداور ملڻ سان 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن ڪري خدشو آهي ته هن سال به ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي. هنن چيو ته شگر ملن وارن ڏانهن آبادگارن جا ڪوالٽي پريميم جي مد ۾ 44 ارب رپيا رهتون آهن. ڪيس عدالت ۾ به هلندڙ آهي. سندن سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته ڪين ڪمشنر سنڌ جي آفيس کي فعال ڪري سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تي عمل ڪرايو وڃي.