ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ٿاڻي تي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان اعجاز ڪوري واري ڪيس ۾ نامزد 2 مک جوابدار ٿاڻي جو ننڍو منشي قادر خاصخيلي ۽ اياز ڪوري کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته گرفتار ٻن جوابدارن عزيز ڪوري ۽ اسماعيل ڪوري پوليس بدين جي سول جج اڳيان پيش ڪيو، جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي بدين جيل اماڻي ڇڏيو آهي، ٻي طرف نوجوان جي بيواهه ساران ڪوري ٻڌايو ته اڄ وزير اعليٰ جي صلاڪار تنزيلا قمبراڻي سان گڏجاڻي رکيل آهي، هن چيو ته جيستائين مڙس جي خون سان انصاف نه ٿيندو، خاموش نه ويهنديس.