سکر (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي سکر گرفتار اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي عبدالوحيد منگي کي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آريجا ڪئمپس جي سول ورڪ ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي الزام ھيٺ ايف آءِ اي سکر طرفان گرفتار اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عبدالوحيد منگيءَ کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي سکر طرفان جاچ جي لاءِ رمانڊ ڏيڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي، جنھن تي عدالت درخواست قبول ڪندي اڳوڻي پي ڊي کي ٻن ڏينھن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. واضع رھي ته ايف آءِ اي سکر جي ايس ايچ او عابد علي مري جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ ٽيم ٻه ڏينھن اڳ لاڙڪاڻي ۾ ڪاروائي ڪري شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو آريجا ڪئمپس جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ موجودا ايگزيڪيٽوَ انجنيئر عبدالوحيد منگيءَ کي 40 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪرپشن جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ھو.