ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي سائبرڪرائيم جا ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ ڇاپا، ڇوڪرين کي ھراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام هيٺ عورت سميت 2 سوگها ، ايف آءِ اي سائبرڪرائيم ڪراچي ۾ ڪارروائي دوران عورت عارفه کي گرفتار ڪري ھڪ عورت جي فحش وڊيو ھٿ آئي، عارفه ھڪ عورت جي ريپ جي ڪوشش واري وڊيو وائرل ڪئي، ايف آءِ اي موجب عارفه انهي عورت کي بليڪ ميل ڪندي ھئي. ايف آءِ اي موجب ڄامشوري ضلعي ۾ ڪارروائي دوران ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان جوابدار حمزه قاضي کي گرفتار ڪيو ويو. جوابدار باٿ روم جي دري مان ڇوڪري جون وڊيوز ٺاھيون اھي انسٽاگرام تي وائرل ڪيون، جوابدار ڇوڪري کي بليڪ ميل پڻ ڪندو رھيو، سندس موبائيل مان وڊيوز پڻ ھٿ ڪيون ويون آهي، جوابدار جي انسٽاگرام جي جعلي آئي ڊي پڻ ھٿ آئي آھي،