سنڌ جَي 340 ڪاليجز ۾ يونيورسٽيز جهڙيون سهولتون ڏيڻ ۽ 16 سالن جِي ڊگري وارو پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم

0
316
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وقتي

ڪراچي: سنڌ جَي 340 ڪاليجز ۾ يونيورسٽيز جهڙيون سهولتون ڏيڻ ۽ 16 سالن جِي ڊگري وارو پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليمي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 عدالت سيڪريٽري تعليم سان مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته 40 سالن کان شاگردن سان فراڊ ٿي رهيو آهي، نيٺ اُهو ختم ڪڏهن ٿيندو؟، 16سالن وارو ڊگري پروگرام 3 مهينن اندر شروع ڪري شاگردن کي پنهنجن ضلعن ۾ يونيورسٽيز جهڙيون سهولتون ڏيڻ جو حڪم: پهرين مرحلي ۾ 60 ڪاليجز ۾ شاگردن کي داخلا ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.