گمبٽ (ن پ ا) 5 مهينا اڳ ڪوٽڏجي پوليس پاران گمبٽ جي ڪسان ڪالوني ۾ گھر تي چڙهائي ڪري غلام مصطفيٰ ناريجو کي ڌاڙيلن جيان کنڀي گم ڪرڻ جو عدالتي حڪم تي ايس ايچ او اڪبر عالماڻي، ون فائيور انچاج خيرپور محمد يوسف ناريجو تي اغوا، تشدد ۽ چار چوديوري جو تقدص پائمال ڪرڻ جو ڪيس داخل، گمبٽ پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي. 5 مهينا اڳ ڪوٽڏيجي ۾ مقرر ايس ايچ او غلام اڪبر عالماڻي ۽ ون فائيو انچارج خيرپور محمد يوسف ناريجو پاران گمبٽ جي ڪسان ڪالوني ۾ گھر تي چڙهائي ڪري اڌڙوٽ شخص غلام مصطفيٰ ناريجو کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جو عدالتي حڪم تي اغوا، تشدد ۽ چادر چوديواري کي پائمال ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي غلام مصطفيٰ ناريجو ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته پنهنجي گھر ۾ هئاسين ته 5 مهينا اڳ رات جي وقت ايس ايچ او ڪوٽڏيجي غلام اڪبر عالماڻي، ون فائيو انچارج خيرپور محمد يوف ناريجو ۽ ٻين گھر ۾ گھڙي چادر چوديواري جو تقدص پائمال ڪري غلام مصطفيٰ ناريجو کي کڻي ويا هئا جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ وياسين ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايس ايچ او اڪبر علاماڻي کي معطل ڪيو ويو ۽ بعد عدالتي حڪم تي گمبٽ ٿاڻي تي گناهه نمبر 136/2021 قلم 352,504,337,506/2 48PPC تحت ڪيس داخل ڪيو ويو پر گمبٽ پوليس پنهنجي پٽي ڀائين خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي نه کين گرفتار ڪيو آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين وس کان مطالبو ڪيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.