ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو نه ته اسان حڪم جاري ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
553
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ کان پندرهين گريڊ جي ڏيڍ هزار ملازمن کي پڪو ڇو نه ٿا ڪيو؟

جسٽس اقبال ڪلهوڙو ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته غريب ويچارا آپگهات پيا ڪن، آفيسر وري پنهنجن ماڻهن کي پيا نوازين

عدالت چيو ته جيڪي ماڻهو پڪا ڪيا ويا، ڇا اُهي آسمان تان پريون کڻي آيا هئا؟ سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري؟

ڊائريڪٽر ڪريڪوليم چيو ته اڳوڻي ڊائريڪٽر غلط ڀرتيون ڪيون هيون، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته اهو ڊائريڪٽر هاڻي اي سي واري ڪمري ۾ آرام ڪندو هوندو

عدالت چيو ته ويچارا غريب ملازم رلي رهيا آهن، اهو انصاف نه آهي ۽ اسان توهان کي ناانصافي ڪرڻ به نه ڏينداسين، ٽن سالن جي ڪانٽريڪٽ تي توهان ملازم رکيا، هنن جون عمريون وڌي ويون، هاڻي هو ڪٿان جا به نه رهيا، سيڪريٽري سان ويهي هنن جو مسئلو حل ڪيو، توهان مسئلو حل نه ڪيو ته پوءِ اسان حڪم جاري ڪنداسين، پوءِ سڀني لاءِ مسئلو ٿي ويندو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪچن ملازمن جي مستقلي بابت ڪيس جي ڪارروائي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي