هٿيار سنڌ ۾ نه ٿا ٺهن، خبر ناهي ته ڌاڙيلن وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟مراد علي شاهه

0
276

اوٻاوڙو: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هٿيار سنڌ ۾ نه ٿا ٺهن، خبر نه آهي ته سنڌ جي ڌاڙيلن وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟

وڏي وزير اوٻاوڙو پهچي سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

 وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جو دماغ خراب ٿي چڪو آهي، هو ڪڏهن آمريڪا تي الزام هڻي ٿو ته ڪڏهن ادارن خلاف الزام هڻي ٿو

هن چيو ته گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ امن امان جو مسئلو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي جي سفارش تي پوليس کي جديد هٿيار ڏنا ويندا