قمبر ( رپورٽر) غلام حسين شاهه جون آخري رسمون درگاهه حسين آباد ۾ ادا ڪيون ويون، ملڪ جي ڪنڊ ڪرڇ مان آيل  سندس چاهيندڙن جو سمونڊ گڏ ٿي ويو. روڊ رستا ماڻھن سان سٿجي ويا، غلام حسين شاهه جي جنازي نماز سندس فرزند عطاءَ الله شاهه پڙھائي، درگاهه ماڻھن سان ڀرجي وڃڻ بعد روڊ رستن خالي ميدانن تي به ماڻهو صفون ٻڌي بيهجي ويا.  جنازي نماز ۾ مفتي عبدالستار سعيدي لاهور واري، جماعت اهلسنت پاڪستان جي ناظم محمد خالد سلطان القادري، درگاهه رحمت پور جي پير مٺا سائين، درگاهه غريب آباد جي ديده دل غفاري، درگاهه ماتلي واري پير ڪرم الله الاهي، درگاهه ڀرچونڊي جي پير عبدالخالق ڀرچونڊي، درگاهه ويهڙ جي آغا جان، ايم پي اي برهان چانڊيو، طارق انور سيال، ايم اين اي رميش لعل، نادر مگسي، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، سيشن جج زاهد حسين ميتلو سميت وڏي انگ ۾ جماعت جي ماڻھن مريدن ۽ عقيدت مندن شرڪت ڪئي.غلام حسين شاهه جي مڙھ کي درگاهه اندر سندس خانداني قبرستان ۾ هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، تڏو درگاهه حسين آباد ۾ وڇايو ويو، جتي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي. غلام حسين شاهه جي دستار( پڳ) سندس صاحبزادي عطاءَ الله شاهه بخاري مريدن،  مختلف مذهبي شخصيتن جي موجود گي ۾ پارائي درگاهه جو سجاده نشين مقرر ڪيو ويو.  سوڳ ۾ واپاري مرڪز توڙي تعليمي ادارا بند رهيا، غلام حسين شاهه جو آخري ديدار ڪرائڻ وقت سندس مريد ۽ عقيدتمند روئيندا رهيا، سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.