حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي ملڪ ۾ ڊالر 2 ڏينھن ۾ 31 رپيا  مھانگو ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ سنگين اقتصادي بحران ۽ سياسي بحران ۾ گھيريل آھي، جنهن جو مک سبب عالمي مالياتي ادارن ۽ ٻاھرين طاقتن جي اشارن تي هلڻ آهي. پنهنجي  بيان ۾ هن چيو ته حڪمرانن ڪڏھن به عوام دوست معاشي پاليسيون ناھن جوڙيون جنھن ڪري ھاري، مزدور ۽ پورھيت غربت سبب بدحال ٿي ويو آهي. ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ انائون ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين ۽ آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ھلڻ جي سزا ملڪ جو عوام پيو ڀوڳي. ملڪ ائين اڳتي نه وڌندا آھن. حڪمران آزاد خودمختيار ۽ عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙين.