پشاور(م ڊ) خيبرپختون خوا ۾ پهرئين مرحلي ۾ مڪاني چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن، چونڊن کان اڳ ئي ڌانڌلين جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا آهن، پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي ميئر جي  اميدوار کي ووٽ وجهندڙ پرزائڊنگ آفيسر ۽ عملو پڪڙجي پيا، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ ۽ اي اين پي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو. مليل اطلاعن موجب خيبرپختون خوا جي 17 ضلعن پشاور، نوشهره، چارسده، خيبر، مهمند، مردان، صوابي، ڪوهاٽ، ڪرڪ، هنگو ۽ ٻين ضلعن  ۾ مڪاني چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن جنهن لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. 26 لک 68 هزار 862 ووٽر ووٽ ڏيندا. هر ووٽر کي 6 ووٽ وجهڻا آهن. بيلٽ پيپر تي پارٽي جو نالو ۽ چونڊ نشان لکيل هوندو 6 مختلف رنگن جا بيلٽ پيپر فراهم ڪيا ويندا. پشاور جي ميئر لاءِ امير خاندان جا اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. 17 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو جنهن ۾ پي ٽي آءِ، اي اين پي، جي يو آءِ، پ پ جا اميدوار امير خاندانن سان واسطو رکن ٿا. انهن ۾ سخت مقابلي جو امڪان به آهي. پ پ جو ارباب زرڪ اڳوڻي وفاقي وزير ارباب عالمگير جو پٽ آهي، پي ٽي آءِ جو رضوان بنگش دبئي ۾ پارٽي صدر رهي چڪو آهي، جي يو آءِ جو حاجي زبير علي اڳوڻي سينيٽر حاجي غلام علي جو پٽ آهي. اي اين پي جو اميدوار حاجي شير رحمان پارٽي جو پراڻو ڪارڪن آهي. ٻئي طرف پشاور جي ميئر جي چونڊ تي چونڊ عمل کان اڳ ئي ڌانڌلين جا الزام سامهون آيا آهن. پي تي آءِ  جي اميدوار ۽ حامين تي وقت کان اڳ بيلٽ پيپر حاصل ڪري ٺپا لڳائڻ جو الزام هنيو ويو آهي. پشاور جي نيبرهڊ ڪائونسل نمبر 33 ۽ 34 ۾ پولنگ کان هڪ ڏينهن اڳ ڪجهه ماڻهو بيلت پيپر تي ٺپا هڻي رهيا هئا ته  اي اين پي ۽ جي يو آءِ جا حمايتي پهچي ويا. هنن ٻڌايو ته ميئر جي بيلٽ پيپر تي ٺپا لڳايا پئي ويا، جنهن تان ڇڪتاڻ ٿي ۽ ملوث ماڻهن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پرزائيڊنگ آفيسر ۽ سندس مڙس کي صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله کي گرفتار ڪرائي ورتو. جڏهن ته پولنگ عملو به تبديل ڪيو ويو آهي. اين سي 32 مان به پيلٽ پيپر ملڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. جي يو آءِٰ ۽ اي اين پي جي اڳواڻن چيو آهي ته پشاور ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ ئي بيلٽ پيپر کلي ويا، پي ٽي آءِ ڌانڌلي ڪري رهي آهي. ان معاملي تي ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. ان باري ۾ پشاور جي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ڌانڌلي ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪاروائي ٿيندي. ٻئي طيف ڪي پي حڪومت جي ترجمان شوڪت يوسف زئي چيو ته بيوروڪريسي کي هدف بڻايو ويو آهي، اهو افسوسناڪ آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.