لڪي مروت(م ڊ) صدر ٿاڻي ويجهو پوليس وين تي دهشتگردن جي حملي دوران ڊي ايس پي سميت 4 اهلڪار شهيد جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب ضلعي لڪي مروت جي صدر ٿاڻي ويجهو پوليس وين تي دهشتگردن جديد ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ دوران دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب صدر ٿاڻي تي دهشتگردن جي فائرنگ سبب 5 پوليس اهلڪار فاروق شاهه، امانت الله، اصغر علي، گل نياز ۽ عارف زخمي ٿيا. حملي جو اطلاع ملندي ئي ڊي ايس پي لڪي اقبال مومند پوليس نفري سان صدر ٿاڻي طرف روانو ٿيو ته رستي ۾ پيروالا موڙ ويجهو ڊي ايس پي جي بڪتربند گاڏي کي دهشتگردن بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو. بارودي مواد ننڍي پل جي هيٺيان لڳايو ويو هو. پل تباهه ٿيڻ سان صدر ٿاڻي جو شهر سان زميني رستو به ڪٽجي ويو. دهشتگردن طرفان حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي لڪي اقبال مومند، وقار، علي مرجان ۽ ڪرامت الله موقعي تي ئي زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويا. جڏهن ته بڪتربند جو ڊرائيور سردار علي زخمي آهي. پوليس موقعي تي پهچي 6 زخمي اهلڪارن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ لڪي سٽي اسپتال روانو ڪيو. ٻئي وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 4 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي دلي ڏک پهتو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن. رب پاڪ شهيدن کي جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا ڪري.