اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڀاڻي پهرين اپريل کان خريف سيزن شروع ٿيندي، 1992ع ۾ قائم ٿيل ارسا پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خريف سيزن دوران موجود پاڻي جو ڪاٿو لڳائڻ ۾ ناڪام، صوبن وچ ۾ خريف سيزن لاءِ پاڻي جي ورڇ به نه ٿي سگهي،سنڌ سوڌو صوبن خريف سيزن دوران پاڻي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، پاڻي جي ورڇ لاءِ ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ تي اتفاق، تفصيل موجب سڀاڻي پهرين اپريل کان 30 سيپٽمبر تائين هلندڙ خريف سيزن 2023ع لاءِ پاڻي جي موجودگي جي جائزي لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس ارسا چيئرمين اسجد امتياز علي جي صدارت ۾ ٿيو، ڪالهه ارسا هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري، ڊي جي ريگيوليشن سنڌ سوڌ پنجاب، ڪي پي ڪي جي آبپاشي عملدارن، واپڊا، ميٽ ڊپارٽمينٽ، ارسا جي چئني صوبن مان مقرر ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته واپڊا کي 21 سيپٽمبر 2021ع تي تريبلا 5 جي توسيع منصوبي جي ڪم جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن کان پوءِ منصوبي تي هلندڙ ڪم سبب تربيلا ۾ خريف سيزن دوران موجود پاڻي جو ڪاٿو نه لڳي سگهيو آهي، ڊيمن ۾ پاڻي جي خريف سيزن دوران درست موجودگي جو پتو نه لڳڻ سبب 1992ع ۾ ارسا جي قيام کان هن وقت تائين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي صوبن وچ ۾ خريف سيزن دوران پاڻي جو ڪاٿو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن ڪري سڀاڻي پهرين اپريل کان شروع ٿيندڙ خريف سيزن لاءِ صوبن وچ ۾ پاڻ جي ورڇ جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، ارسا ترجمان مطابق اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو ٻيهر اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ خريف 2023ع دوران موجود پاڻي جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ نئين سر پلان ٺاهيو ويندو، جنهن کان پوءِ وري صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس طلب ٿيندو،  ارسا جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته هاڻي ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو اجلاس اڱاري ڏينهن طلب ٿي سگهندو، جنهن ۾ اگر واپڊا پاران ڊيمن ۾ موجود پاڻي جو ڪاٿو مڪمل طور تي ٻڌايو ويو ته ان کان پوءِ ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي خريف سيزن دوران  موجود پاڻي جو ڪاٿو لڳائي پاڻي جي تقسيم جو پلان تيار ڪري منظوري لاءِ ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيش ٿيندو، ذريعن مطابق تيستائين روزانه بنياد تي موجود پاڻي جي عبوري طور تي صوبن ۾ تقسيم ڪئي ويندي، ذريعن مطابق تربيلا جي توسيع جي هلندڙ ڪم سبب پاڻي جي موجودگي جو پتو لڳائڻ مشڪل ٿيو ۽ ڊيم جي توسيع لاءِ هلندڙ ڪم سبب خريف سيزن دوران پاڻي جي شديد کوٽ پيد اٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق  اجلاس دوران خريف سيزن دوران پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو تائين پهچڻ جو صوبن خدشو ظاهر ڪيو آهي، سنڌ، بلوچستان صوبا اڳ ئي ٻوڏ سبب سخت مشڪلاتن ۾ آهن، پاڻي جي اها کوٽ انهن صوبن ۾ وڌيڪ خراب صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي، ذريعن مطابق اجلاس دوران آبپاشي کاتي سنڌ  جي آفيسرن ۽ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي موقف اختيار ڪيو ته ڊيمن ۾ موجود پاڻي جو ڪاٿو درست نه پيو ٻڌايو وڃي، سنڌ جي موقف سان چئني صوبن جي ميمبرن اتفاق ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻيهر ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ٿيو،  ارسا جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته 1992ع ۾ ارسا جي قيام عمل ۾ اچڻ کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو سڀاڻي پهرين اپريل تي خريف سيزن شروع ٿيندي پر ارسا نه موجود پاڻي جو ڪاٿو لڳائي سگهي آهي نه ئي صوبن ۾ پاڻي ورڇ جي منظوري ڏئي سگهي آهي.