اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم هائوس جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ گيس لوڊشيڊنگ جو مسئلو هڪ ڏينهن ۾ حل ڪرائي ڇڏيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم پاران طلب ڪيل هنگامي اجلاس ۾ ڪراچي جي شهرين جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ رمضان دوران ڪراچي ۾ گيس پريشر گهٽتائي، گيس لوڊشيڊنگ بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم سحري ۽ افطاري دوران شهرين کي بنا رڪاوٽ جي گيس جي  فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ گيس لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، وزيراعظم گيس جي فراهي جي عمل جي مسلسل نگراني ڪرڻ  ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.