اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جي ڊي اي جي غوث بخش خان مهر چيو ته سنڌ ۾ روڊ تمام گهڻا خراب آهن، برساتن ۾ جيڪي روڊ متاثر ٿيا، مک روڊ به بحال نه ٿيا آهن، ڪراچي کان سکر تائين سفر ۾ 8 ڪلاڪ لڳي ويا، 40 جي اسپيڊ کان وڌيڪ گاڏي هلائي نه ٿي سگهجي، حيدرآباد – سکر روڊ سفر جي قابل ئي نه آهي، جنهن تي اسپيڪر هلندڙ مهيني دوران سنڌ ۾ روڊن جي تعمير بابت اڳڀرائي رپورٽ مواصلات وزارت کان طلب ڪري ورتي آهي،جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته آءِ ايم ايف  کان هاڻي لڳي ٿو ته گهر اندر وڃڻ لاءِ به اجازت وٺڻي پوندي، اهو ڀنگ ۽ غلامي جي آخري حد ۽ درجو آهي،  ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين چيو ته مفت اٽي جو پروگرام وزيراعظم شهباز شريف شروع ڪيو ته اسان سمجهيو ته سڄي ملڪ لاءِ آهي پر اهو اٽو صرف پنجاب ۾ تقسيم ٿي رهيو آهي، وزيراعظم سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي پنجاب جو ناهي.