پشاور (بيورورپورٽ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي ٻن صلاحڪارن ۽ هڪ خاص مددگار استعيفائون ڏئي ڇڏيون. محمود خان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت صلاحڪار ضياءُ الله بنگش، توانائي بابت صلاحڪار حمايت الله خان ۽ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن بابت خاص مددگار غزن جمال پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏنيون آهن. ٽنهي پنهنجون استعيفائون وڏي وزير کي موڪليون هيون، جن کي هاڻ منظور ڪيو ويو آهي. خيبر پختونخواهه جي گورنر استعيفائن جي منظوري بابت سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب غزن جمال ۽ حمايت الله جي ڪارڪردگي مان وزيراعليٰ مطمئن نه هو.