اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ اندر ٽيڪس ڏيندڙن کي ايف بي آر جي نالي تي جعلي ۽ وائرس واريون اي ميل ملڻ جو انڪشاف ٿيو آھي ايف بي آر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته ايف بي آر کي ٽيڪس ڏيندڙن پاران شڪايتون مليون آھن ته کين ايف بي آر جي نالي تي اي ميل اچي رهيون آھن جنهن ذريعي ايف بي آر جي ڊفالٽرن جي جو حوالو ڏنو پيو وڃي ته جيئن ان ۾ هو پنهنجو نالو ڳولهين، ايف بي آر ترجمان اهڙيون اي ميلز موڪلڻ جي ترديد ڪندي چيو آھي اهي جعلي اي ميلز آھن جيڪي [email protected] اي ميل ايڊريس تان موڪليون پيون وڃن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اي ميل کولين جيڪي اي ميلز وائرس زده آھن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کان اهم معلومات به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ٽيڪس ڏيندڙ اهڙين اي ميلز کي نظر انداز ڪن لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي ڏين.