نواز ليگ طرفان شهباز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ واري فيصلي بعد اختلافي نوٽ اچڻ تي ڳڻتي ظاهر

0
418

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ طرفان شهباز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ واري فيصلي بعد اختلافي نوٽ اچڻ تي ڳڻتي ظاهر، مريم اورنگزيب چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ضمانت منظور ٿيڻ باوجود لکت ۾ فيصلي تي صحيحون نه ڪيون ويون، اُميد ته عدالتن مان مڪمل انصاف ملندو، شهباز گِل جي ٽائوٽ کان وڌيڪ ڪا حيثيت ناهي، کيس پروپگئنڊا ۽ ڪوڙ ترجماني ڪرڻ لاءِ ڀاڙي تي رکيو ويو آهي، ڀلي ڪيترا به وزير تبديل ٿين، نالائق وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تائين ملڪي مسئلا حل نه ٿيندا، عمران خان اوڌر تي ڀلي ڪيترا به وزير ۽ ميمبرز آڻي، ايندڙ بجيٽ پارليامينٽ مان منظور نه ٿيندي، حڪومتي نمائندا به پنهنجي بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏيندا.