هوانا (م ڊ) ڪيوبا ۾ ڪاسترو دور جي پڄاڻي، فيڊل ڪاسترو جي ڀاءُ رائول ڪاسترو ڪيوبا جي ڪميونسٽ جماعت جي سربراهي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. رائول ڪاسترو ڪميونسٽ پارٽي جي سربراهه طور استعيفا جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجي استعيفا ڏيڻ بعد ڪيوبا جو عوام 6 ڏهاڪن کان ملندڙ ڪاسترو خاندان جي رهنمائي کان محروم ٿي ويندو، رائول ڪاسترو استعيفا ڏيڻ جو اعلان 8 هين ڪانگريس جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو، سندس چوڻ هو ته آئون پنهنجي وطن جي طاقت ۽ مثالي نوعيت ۽ فهم تي پختو يقين رکان ٿو، اسان پنهنجي ملڪ، انقلاب ۽ سوشل ازم جي دفاع لاءِ هر دم تيار رهنداسين، ملڪ جي مستقبل ۽ مشن جي ڪاميابي جي حوالي سان پر اعتماد آهيون. رائول ڪاسترو اهو نه ٻڌايو ته ڪميونسٽ پارٽي جو ايندڙ سربراهه ڪير هوندو. واضح رهي ته رائول ڪاسترو جي مستعفي ٿيڻ بعد ڪيوبا جي سياست ۾ 1959ع جي انقلاب کان شروع ٿيل ڪاسترو خاندان جي باضابطا قيادت جو دور ختم ٿي ويندو، 2016 ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ فيڊل ڪاسترو 2006 ۾ اقتدار رائول حوالي ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 2008 ۾ هو باضابطا طور صدر چونڊجي ويو هو ۽ 3 سال اڳ هن اهو عهدو ميگيل ڊياز ڪينيل کي منتقل ڪيو هو.