تيونس (م ڊ) رومي سمنڊ ۾ هڪ ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا. گڏيل قومن جي پناهگيرن جي امدادي تنظيم ۽ آرگنائيزيشن فار مائيگريشن موجب اهو حادثو خميس ڏينهن تيونس جي سامونڊي شهر سيدي منصور ڀرسان پاڻين ۾ پيش آيو هو. ان ٻيڙيءَ ۾ سوار آفريقي پناهگير يورپ پهچڻ جي ڪوشش ۾ هئا. تيونس جي ڪوسٽ گارڊ جو چوڻ هو ته 3 ڄڻن کي بچايو ويو پر 41 ڄڻا ٻڏي ويا، جن ۾ هڪ ٻار به شامل هو.