ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي خواجا اظهار الحسن سنڌ حڪومت کي چيلنج ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪا هڪڙي اسپتال ڏيکاري جيڪا صوبائي فنڊن سان هلي رهي هجي، ڪالهه ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪراچي کي تباهه پئي ڪري، پيپلزپارٽي ڀلي ايم ڪيو ايم سان نفرت ڪري پر ڪراچي کي تباهه نه ڪري، هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پ پ سرڪار لاواث ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ترقي ۾ 18هين ترميم به رڪاوٽ آهي، هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن رشوت خوري جو مرڪز بڻيل آهي، آئون ڪميشن جي ميمبرن کي چوان ٿو ته اهي عوام خاطر اداري کي لت هڻي ٻاهر اچي وڃن، اسان پبلڪ سروس ڪميشن خلاف جلد عدالت ۾ وينداسين.