ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مجلس وحدت المسلمين ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي پ پ اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ تعليم واري وزير سعيد غني، پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ۽ اين اي 249 تي پ پ اميدوار قادرمندوخيل تي ٻڌل وفد مجلس وحدت المسلمين جي صوبائي آفيس پهچي مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻن سيد علي حسين نقوي، مولانا صادق جعفري ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ، پ پ اڳواڻن 29 اپريل تي رٿيل ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار جي حمايت جي درخواست ڪئي، جنهن تي مجلس وحدت المسلمين پاران حمايت جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي اين اي 249 تي پ پ اميدوار قادر مندو خيل چيو ته 88ع کانپوءِ هن تڪ تان پ پ جو ڪو اميدوار ڪامياب ناهي ٿيو، هي علائقو سدائين ٻين پارٽين وٽ رهيو آهي، انهي باوجود پ پ حڪومت هتي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، وقار مهدي چيو ته هتي پيئڻ جي پاڻي ۽ سيوريج جون لائينون وڇايون ويون آهن، ان موقعي تي مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ سيد علي حسين نقوي چيو ته اسان پ پ وفد کي موٽ ڏيندي سندن اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا.