ڪي پي حڪومت مستعفي ٿئي، عمران جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي: شرجيل ميمڻ

0
228
ھن وقت تائين 15 لک کان

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۽ ادارن خلاف سازش ڪري رهيو آهي، عمران بنگلاديش جو مثال ڏئي معاملن کي ڪهڙي طرف کڻي وڃڻ چاهي ٿو؟

شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي پريشاني جو سبب قانون جو اهو ڦندو آهي، جيڪو جلد سندس ڳچيءَ ۾ پئجڻ وارو آهي، شهباز گِل جو بيان پي ٽي آءِ جي پاليسي ناهي ته پوءِ گِل کي شوڪاز جاري ڇو نه ڪيو؟

صوبائي وزير مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي خيبرپختونخواهه فوري طور استعيفيٰ ڏئي ۽ حڪومت عمران خان جو نالو فوري طور اي سي ايل ۾ شامل ڪري