ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ جاري خيرپور پريميئر ليگ جي ٽين مئچ ۾ فرينڊس اليون 5 رنسن تان ۽ چوٿين ميچ ۾ اسٽار اليون 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي. پھرين ميچ ۾ فرينڊس اليون مقرر 8 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنز  ٺاھيون، جواب ۾ مھراڻ اليون بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي  121  رنسون ٺاھي سگھي. شهباز راجپوت کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.ڪي پي ايل جي چوٿين رائونڊ ۾ ڦراھو طرفان مليل 127 جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي آسانيءَ سان  پورو ڪري  ورتو. اسٽار اليون جي ڪپتان اسلم دلواڻي شاندار بيٽنگ ڪندي 58 رنز ٺاھيون کيس شاندار بيٽنگ ڪرڻ تي مئچ جو ھيرو قرار ڏنو ويو.