ڪنڌڪوٽ(اسپورٽس نيوز) ڪيڊٽ ڪاليج ڪرم پور ۾ انٽر هائوس فٽ بال ٽورنامينٽ جو فائنل جناح هائوس ۽ اقبال هائوس جي ٽيمن وچ ۾ ٿي گذريو. فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ اقبال ھائوس جناح هائوس جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏھن ته بھترين رانديگر جو انعام ڪيڊٽ غلام مصطفيٰ کي ڏنو ويو. ڪامياب ٽيم کي ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي وائس پرنسيپال پروفيسر امجد علي چانڊيو انعام ڏنا.