پيرجوڳوٺ (اسپورٽس نيوز) پير جو ڳوٺ جي تعليمي ماهر شخصيت مرحوم استاد محمد سليمان مڱريو جي ياد ۾ ميموريل بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ٿي. پهرين ڏهاڙي تي جاويد شاهه، منصور شاهه جي جوڙي مجيب ميمڻ ۽ آصف جي جوڙي سيٺ عابد ۽ علي جي جوڙي کان کٽيو، منصور شاھ ۽ سيٺ الڻ کٽيو، نعيم ۽ فاروق کي قدوس ۽ وجئي شڪست ڏني. نورشاھ ۽ جواد کي رافع ميمڻ ۽ عطيق هارائي ڇڏيو. حسنين شاهه ۽ ارسلان کي شعيب ۽ پرويز شڪست ڏني. سيٺ ايان ۽ عاقب کي آ غا شاهه ۽ عديل کي هارائي ڇڏيو. ريحان ۽ آزان کان آخر ۾ روحان ۽ ڪاشف ميچ کٽي ورتو. ان موقعي تي مھمان خاص نثار سومرو، پرويز ميمڻ، نور احمد عباسي پاران ڪامياب رانديگرن کي انعام ڏنا ويا.