ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونين آف جنرلسٽ(دستور) جي سالياني چونڊ ۾ دي ڊيموڪريٽس پينل سمورن عهدن تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ٿيل چونڊ ۾ جنرل سيڪريٽري طور نعمت خان 294، جوائنٽ سيڪريٽري طور حماد حسين 350 ۽ خزانچي طور وڪيل الرحمان 320 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، گورننگ باڊي لاءِ طلعت حسين 358، ڪشمالا نجيب 347، قيصر خان 341، عرشي عباس 334، سهيل رب خان 317، محمد عثمان 308، شاهد ميراڻي 283، سيد فريد عالم 280 ۽ فيضان خانزادو 276 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنا ويا، واضح رهي ته صدار تي عهدي تي خليل ناصر ۽ اطلاعات سيڪريٽري طور منور احمد خان اڳ ۾ ئي بنامقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا هئا،ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، تعليم واري وزير سردار شاھ، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ٻين چونڊجي آيل سمورن عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن.