لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ڌاڙن، زيادتي ۽ مقابلن جي ڪيسن ۾ روپوش ۽ گهربل 6 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڳيريلو پوليس ناري اقرا اتيرو سان اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن سمير ڦلپوٽو ۽ علي گل ڦلپوٽو کي، سيهڙ پوليس گهربل ٻن جوابدارن بگڙو جهتيال ۽ صدام کي، ۽ سچل پوليس روپوش جوابدار فاروق ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان پوليس ڪاروائين تي لاڳاپيل پوليس ٽيمن کي شاباسي ڏيندي کين هدايت ڪئي آهي ته ڏوهارين خلاف جاري ڪاروائين کي تيز ڪري امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙن خلاف لوهي هٿن سان منهن ڏنو وڃي.