ملير(رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اويس ڪلهوڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف عوامي جمهوري پارٽي جي ڪارڪنن ملير پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو، جنهن کي ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، رشيد سڌايو، نبي بخش عباسي، محسن اعوان، قائم ٻرڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته قبيلائي دهشتگردي ۾ نوجوان اويس ڪلهوڙو کي معمولي ڳالهه  تان قتل ڪيو ويو آھي، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود بااثر وڏيرن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي، هنن آءَ جي پوليس کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي