خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ۾ ميونسپل ڪاميٽي ڀرسان سيپڪو عملدارپرائيوٽ ماڻهن کي ٿنڀي تي  چاڙهي ٽرانسفارمر ٺهرائي رهيا هئا ته اوچتو بجلي اچي وئي، نتيجي ۾  هڪ ڄڻو 35 ورهين جو سڪندر جمالي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿنڀي تان  روڊ تي ڪري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عبدالله ڏيرو ۽ ڪاشف جروار ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ سخت  زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف فوت ٿي ويل سڪندر جمالي جي وارثن فهد جمالي، غلام قادر جمالي ۽ رسول بخش جمالي جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  سيپڪو جي نا اهلي سبب اسان جو همراھ فوت ٿي ويو آهي، هنن چيوته سيپڪو وارن اسان جي همراهه کي بجلي ٺاهڻ لاءِ ٿنڀي تي چاڙهيو ته پوءِ  گرڊ وارن  بجلي ڇو هلرائي؟ هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سيپڪو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ لاش رکي ڌرڻو هڻنداسين، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.