ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي راڄڙ ڪالوني ۾ 17 ورهين جي دلاور لغاري جو گهر مان ڦاهو  کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال متنقل ڪيو، نوجوان جي امڙ ٻڌايو ته پٽ ڪجھه ڏينهن کان پريشان هو ۽ ڪراچي مزدوري ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو، پر سندس سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهڻ سبب هو وڃي نه سگهيو هو، آئون فوتگي تي مائٽن ۾ ويل هئس ته هن گهر ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو.