سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول  ڀٽو زرداري تماچاڻي مهر هائوس پهچي اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مهر جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حاجي انور خان مهر جون پارٽيءَ لاءِ لازوال قربانيون آهن، جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ، ايم پي اي فرخ شاهه، اڳوڻو ايم پي اي جاويد شاهه، پ پ اڳواڻ بچل شاهه، ڊاڪٽر ارشد مغل، ارسلان اسلام شيخ، زيرڪ شاهه، امير بخش مهر، فيروز خان مهر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.