خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) ٻوڏ ۾ ٻڏل تعلقي خيرپورناٿن شاه جي عوام ثقافت کي نه وساريو، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جون ايڪتا ريليون ،تقريبون ،پروگرام منعقد ، سنڌي گيتن جي گونج، شاگرد شهرين واپارين ڪارڪنن سنڌي ويس اجرڪ ٽوپيون پائي سنڌي گيتن تي جهمريون ، سنڌ امڙ کي لفظن جي ڀيٽا. ان ڏس ۾ ڏکن سورن جي ستايل خيرپور ناٿن شاهه جي عوام پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو،  ننڍا وڏا ثقافتي ويس  سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پٽڪا پائي روڊن تي نڪري آيا هر طرف سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن جي گيتن جي گونج ۾ نوجوان جهموريون هڻندا پنهنجا اهنج ڏک وساري ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو، هوڏانهن جقسم پاران آصف علي لغاري ، مشتاق چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، ٻي طرف ايس يو پي پاران به ايڪتا ريلي ڪڍي وئي. ٻي طرف  پرائمري اسڪول ۾ سماجي تنظيم پاران ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ امتياز عباسي ۽ ٻين آيل مهمانن کي اجرڪ سنڌي ٽوپين جا تحفا ڏئي سنڌ جي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو، اسڪولي ٻارن پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، ٻي طرف تعلقي ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويل، بک بدحالي، مختلف بيمارين ۾ مري ويل ۽ نوري آباد سانحي توڙي  سيوھڻ حادثي ۾  شھيد ٿيندڙن جی یاد ۾ مدرسه تاج العلوم ۾ شھيدن جي روح کي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ خيرات جو بندوبست ڪيو ويو.