خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويو. ان ڏس ۾ مرڪزي ريلي خاڪي شاهه پل کان ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن، قومپرست ۽ پورهيت ڪارڪنن سميت اديبن، شاعرن، فنڪارن، صحافين، وڪيلن، واپارين ۽ ٻارڙن ثقافتي ويس وڳا پائي ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومي محاذ جي سوين ڪارڪنن پاران مرڪزي اڳواڻ امجد مهيسر، اياز ڪورائي، اصغر ڪورائي، ڪميل ابڙو، خرم مهيسر ۽ مولابخش ڦلپوٽو جي اڳواڻيءَ ۾ واپڊا اسڪارپ ڪالونيءَ کان ريلي ڪڍي. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور شرجيل نور چنا پڻ ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي اسٽيشن روڊ، ڦول باغ روڊ، پنج گلا چوڪ کان ٿيندي ڇٽي چوڪ وٽ پهتي، ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم اڳواڻ امجد مهيسر ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان جو قومي ڪاڄ آهي. روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي ايڪتا ڏهاڙي جو سڏ ڏئي سنڌي عوام کي سجاڳ ڪيو ۽ منجهن پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ جو جوش پيدا ڪيو. هن چيو ته تازو پيل برسات ۽ ٻوڏ سبب لکين سنڌي ماڻهو متاثر ٿيا. اربين رپين جو نقصان ٿيو. اعلانن باوجود متاثرن جي اڃا سوڌو ڪا واهر  نه ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي حڪمرانن پنهنجون زمينون ۽ ملڪيتون بچائڻ لاءِ سنڌ کي هٿ سان ٻوڙايو آهي. سنڌ ماڻهو وڏي اذيت مان گذريا آهن، هاڻي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. ان موقعي تي مشهور فنڪارن ممتاز ڪنول، شريف عباسي، آزاد سنڌي ۽ ٻين ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان ڪلام ڳائي ريلي ۾ شامل ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ايڪتا ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف تنظيمن ۽ برادرين طرفان ڌار ڌار ريليون پڻ ڪڍيون ويون.