بيجنگ (م ڊ) هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ چينين تي نظر رکڻ، هراسان ڪرڻ ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ انهن کي ٻيهر ملڪ آڻڻ لاءِ چين دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ سمنڊ پار ٿاڻا قائم ڪيا آهن. ان جو مقصد عالمي سطح تي وڌيڪ نمائندگي رکڻ به آهي ۽ يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ انهن جو انگ وڌيڪ آهي. آمريڪي ٽي وي چينل سي اين اين جي رپورٽ موجب اسپين جي تنظيم سيف گارڊ ڊفينڊرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻن مهينن ۾ انهن ٿاڻن جي انگ ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. سيپٽمبر ۾ دنيا ۾ اهڙن چيني ٿاڻن جو انگ 54 هو هاڻ ان ۾ 48 جو اضافو ٿيو آهي جنهن سان انگ 102 ٿي ويو آهي. اٽلي، ڪروئيشتيا، سربيا ۽ رومانيا جهڙن يورپي ملڪن ۾ گڏيل پوليسنگ جو نظام جوڙيو ويو آهي. پيرس، سربيا ۽ اسپين ۾ رهندڙ ٽن چينين کي ڳجهن ايجنٽن پڪڙي چين اماڻيو. رپورٽ موجب انهن مان گهٽ ۾ گهٽ 53 ملڪن ۾ موجود ٿاڻن کي چين جي عوامي تحفظ واري وزارت سنڀاليندي آهي. رپورٽ موجب 21 ٿاڻن لاءِ 135 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا. پر اڪثر ملڪن کان اهڙن ٿاڻن جي اجازت نه ورتي وئي آهي ۽ ڪئناڊا سميت 13 ملڪن سان ان معاملي تي چين جي ڇڪتاڻ به ٿي آهي. رپورٽ موجب جن ملڪن ۾ اها ٿاڻا آهن انهن سان چين گهرا لاڳاپا قائم ڪيا آهن. اٽلي سان سيڪورٽي جا معاهدا ڪرڻ بعد چيني شهرين جي علائقي جي جاسوسي ڪرڻ جا الزام به لڳايا ويا آهن. اتي وينس ۽ پراٽو سميت چين جا 11 ٿاڻا قائم آهن. اٽلي سان گڏ سربيا ۾ به چيني پوليس اهلڪار مقامي پوليس سان گڏ گشت ڪندا رهيا آهن. ڏکڻ آفريڪا ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن سان به اهڙو ٺاهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب صدر شي جن پنگ جي اقتدار دوران 50 لک کان وڌيڪ چينين کي دنيا جي مختلف ملڪن مان زوري چين واپس آندو ويو آهي. فرانس مان به هڪ شخص جي زوري واپسي جا اطلاع آهن پر فرانس ان جي تصديق نه ڪئي آهي. آئرلينڊ ۽ هالينڊ چيني ٿاڻا بند ڪري چڪا آهن. سيف گارڊ ڊفينس جي سربراهه لارا هارٿ جو چوڻ آهي ته چين سڄي دنيا ۾ پنهنجي باغين خلاف ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، کين هيسائي خاموش ڪري رهيو آهي هو خاموشي ٽوڙين ٿا ته کين زوري چين نيو ويندو آهي. هن چيو ته اسان کي مستقبل ۾ وڌيڪ ٿاڻن جي خبر پوندي ڇاڪاڻ ته چين اهڙا ڪم لڪائيندو ناهي ۽ اهڙيون ڪارروائيون وڌائڻ جو اعلان ڪندا آهن. سڄي دنيا جي ملڪن کي ان تي سوچڻ گهرجي ته اهو رڳو چينين جو نه پر سندن عوام جي حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو سوال آهي.