ٺٽو: ڪيٽي بندر، ٻگهاڻ، ڳاڙھو، ميرپور ساڪرو، گهارو توڙي ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري سول اسپتال ۾ بيهوشي جي حالت ۾ پهچندڙ مريضن کي عارضي طبي امداد ڏئي ڪراچي يا حيدرآباد جي وڏين اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو وڃي ٿو جنھنڪري تازو اپريل جي مهيني ۾ چئن ڄڻن جي فوتگين جو مُک سبب به بروقت ۽ مناسب علاج نه ٿيڻ آھي. جڏھن ته بروقت اسپتالن ۾ پهچي يا ڪراچي جي وڏين اسپتالن تائين منتقل ٿيڻ ڪري باقي 50 کان مٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙن کي بچايو ويو آھي. ضلعي جي ساحلي پٽي جي علائقي ٻگهاڻ ويجهو ڪجھ ڏينھن اڳ مرچن جي فصل ۾ چونڊائي ڪندڙ 8 مزدور به پراسرار نموني اوچتو بيهوش ٿي ويا جن کي ٻگهاڻ اسپتال ته منتقل ڪيو ويو پر سندن بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري کين وڏين اسپتالن ڏانھن منتقل ڪرائڻو پيو، مذڪوره واقعي ۾ به زهريلي ڪا شيءَ واپرائڻ ٻڌايو ويو.