ٺٽو: تازو زهريلي دوا واپرائڻ سبب فوت ٿيل ٽن عورتن جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ٽيم جي ڊاڪٽر ۽ رورل هيلٿ سينٽر ور جي انچارج ڊاڪٽر ساجد شيخ چيو آھي ته ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب فوت ٿيل ٽنهي عورتن جي جسم تي تشدد وغيره جا ڪي به نشان نه هئا ۽ ظاهري علامتن مان سندن پاران زهريلي جيت مار زرعي دوا استعمال ڪرڻ سبب سندن موت ٿيو آھي پر وڌيڪ ڪيميڪل رپورٽن لاءِ جزا حاصل ڪري ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا آھن. ڊاڪٽر ساجد شيخ موجب ڪيميڪل رپورٽن ۾ به سندن موت جيت مار زهريلي زرعي دوا جي استعمال سبب ايندي پر ان لاءِ پوليس تي وڌيڪ ذميواري عائد ٿي ٿئي ته ان حوالي سان گهڻ رخي جاچ ڪئي وڃي ته انهن کي زهريلي جيت مار دوا پيئاري وئي يا وري انهن کي ايترو مجبور ڪيو ويو جو انهن پاڻ جيت مار دوا پي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو.