ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي الزام هنيو آهي ته ڪراچي جو ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر آدمشماري عملي کي ڪم ڪرڻ کان روڪين پيا، آدمشماري بابت جيڪو به ڪجهه ٿئي پيو اهو غلطي سبب نه پر هڪ منصوبابندي تحت ٿي رهيو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته ڪنهن کي به گهٽ يا وڌ نه پر مڪمل طور ڳڻيو وڃي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اسان کي ڳڻيو وڃي، 50 سالن کان هڪ سازش تحت شهري علائقن کي گهٽ ڏيکارڻ وارو منصوبو جاري آهي، اسان گذريل آدمشماري کان به اڳ عوام کي آگاهه ڪيو هو ته سنڌ جي شهري کي علائقن کي گهٽ ڏيکاريو ويندو، اسان ٻن حڪومتن سان گڏ هڪ اهم قومي فرض کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان جا خدشا درست ثابت ٿيا ۽ گذريل آدمشماري کان به گهٽ ڏيکاريو پيو وڃي، اسان جي مطالبي تي 15 ڏينهن آدمشماري ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي جو اسان جي ڳالهه ٻڌي پئي وڃي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم وٽ صرف هڪ ئي ايجنڊا آدم شماري آهي، سنڌ جي شهرين کي درست ڳڻڻ لاءِ ايم ڪيو ايم هر فورم کي کڙڪايو، پر ٻين پارٽين صرف ڪراچي تي سياست چمڪائي، اسان ڪي اليڪٽرڪ جي ميٽرن جو تعداد ۽ نادرا جو رڪارڊ سامهون رکيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته آدمشماري ۾ هر شهري کي ڳڻيو وڃي.